دلڪش منزل، خيرپور

دلڪش منزل، خيرپور

دلڪش منزل خيرپور

دلڪش منزل، خيرپور: هيءَ عمارت 1896ع ڌاري پهريئن ٽالپر حڪمران مير فيض محمد خان ٽالپر تعمير ڪرائي، جيڪا پوءِ ٽالپرن جي سڄي حڪومتي دور ۾ خيرپور رياست جي حاڪمن جي سرڪاري رهائشگاهه طور استعمال ٿيندي رهي. جنهن دوران هن عمارت جي نالن ۾ مختلف وقتن تي تبديلي ٿيندي رهي. خيرپور جي رياستي دور اندر هيءُ عمارت ’فيض محل‘ جي نالي سان مشهور هئي. 1947ع ۾ ممتاز قز لباش، خيرپور رياست جو وزير اعظم مقرر ٿيو ۽ دلڪش منزل کي پنهنجي رهائش لاءِ استعمال ڪيائين. 1955ع ۾ خيرپور رياست سميت ان سان الحاق شده تمام ننڍيون رياستون پاڪستان ۾ ضم ٿي ويون، جنهن بعد هن عمارت کي سرڪاري سطح تي پهرين ڪمشنر ۽ پوءِ 1972ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر هائوس ۾ منتقل ڪيو ويو. 2001ع ۾ عمارت کي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (DCO) جي سرڪاري آماجگاهه مقرر ڪيو ويو. موجوده عمارت ٻاهرئين ڏيک ۾ مستطيل ۽ اڇي رنگ جي آهي. عمارت جي سموري ڇت گارڊرن تي ٺهيل آهي. ڇت کان تقريباً هڪ فوٽ هيٺ ٽڪنڊيون سرون نصب ٿيل آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ لهريدار نظر اچن ٿيون. انهن سرن جي وچ وچ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا پڻ لڳل آهن. عمارت جي ٻاهرين ديوارن جي هيٺينءِ حصي کان در ۽ درين جي ماپ تائين نيري ۽ اڇي رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مکيه دروازي ۽ درين تي ڪاري رنگ جا شيشا نصب آهن. عمارت جي اندرئين حصي ۾ هڪ وڏو کاڌي جو هال ۽ آرام لاءِ ڪجهه مخصوص ڪمرا تعمير ٿيل آهن. ان کان علاوه عمارت جي ڇت تي اونهاري ۾ قيام لاءِ خاص قسم جا هوادار ڪمرا به ٺهيل آهن. ڇت تي وڃڻ لاءِ ڪاٺ جون ڏاڪڻيون ٺهيل هيون، جيڪي هن وقت خسته حالي جو شڪار آهن. ٽالپرن جي روايتي فن تعمير مطابق عمارت سان گڏ هڪ ڪمري ۽ مختصر اڱڻ تي مشتمل هڪ ننڍڙي مسجد واقع آهي، جنهن جي مهاڙيءَ ۾ هڪ گول ونگائو در ۽ پاسن کان به لنگهه ڏنل آهن. هيءُ مسجد چورس آهي. مسجد جي اڳين ديوار جي ٻنهي ڪنڊن تي 5 کان 6 فوٽ (اندازً) جا ٻه ننڍا مينار تعمير ٿيل آهن. هوا جي گذر لاءِ مسجد جي باقي ديوارن جي وچ ۾ گول ونگائين در جي نموني ۾ سيمنٽ جون ٺهيل هوادار ڄاريون لڳل آهن. مسجد جي اڱڻ جي چؤڌاري 4 کان 5 فوٽ جي ديوار ڏنل آهي، جنهن جي مٿان دلڪش مخروطي نمونو اڏيل آهي. مسجد ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ هڪ وڏو ڏاڪو ۽ ديوار جي ماپ جيترو لوهي در موجود آهي. 1998ع ڌاري، دلڪش منزل جي اردگرد هڪ ٻي نئين مسجد تعمير ڪرائي وئي، جنهن جو افتتاح ان وقت سکر جي ڪمشنر خالد محمود سومري ڪيو هو. نئين مسجد جي اڏاوت سبب ٽالپر دور ۾ قائم اڳوڻي مسجد جو استعمال گهٽجي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو